ججن جو خط، تصدق جيلاني پاران ڪميشن جي سربراهي کان معذرت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)جسٽس (ر) تصدق جيلاني وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي الزامن تي انڪوائري ڪميشن جي سربراهي ڪرڻ کان معذرت ڪري ورتي. خط ۾ تصدق جيلاني لکيو ته وزيراعظم ۽ ڪابينا جي اعتماد تي شڪريو ادا ڪيان ٿو، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس منصور علي شاهه جو به ٿورائتو آهيان.خط ۾ چيو ويو آهي ته 6 ججن جي سپريم جوڊيشل ڪائونسل طرفان لکيل خط جو مواد پڙهيو ويو آهي، ججن جي خط ۾ اداري مشاورت جي درخواست ڪئي وئي آهي، 6 ججن جو خط آرٽيڪل 209 جي زمري ۾ نٿو اچي.

پهنجو تبصرو موڪليو