اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ جي ججن جي تعداد ۾ ترميم جو بل سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويو، جيڪو لاڳاپيل ڪميٽي ڏانهن اماڻيو ويو،سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر عبدالقادر بل پيش ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس کانسواءِ ججن جو انگ 20 ڪيو وڃي.سينيٽر عبدالقادر پاران پيش ڪيل بل جي پي ٽي آءِ مخالفت ڪئي.سينيٽر عبدالقادر چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ 53 هزار کان وڌيڪ ڪيس التوا ۾ آهن، منهنجي خيال ۾ 16 ججن جو واڌارو ڪيو وڃي،سپريم ڪورٽ ۾ ڪيترائي آئيني ڪيس هلي رهيا آهن،لارجر بينچ ٺهن ٿا ۽ جج آئيني معاملن تي ٻڌڻي ڪن ٿا،هن چيو ته اربين روپين جا ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ التوا آهن، سپريم ڪورٽ وٽ اهڙن ڪيسن جي ٻڌڻي لاءِ وقت ناهي، اسان جو عدالتي نظام هيٺان کان مٿي آهي.ان تي وفاقي وزير نذير تارڙ چيو ته هي حقيقتون آهن.موت جي سزا جا ڪيس التوا ۾ آهن، عمر قيد جي سزا 25 سالن کان وڌيڪ نه ٿي سگهي، هڪ شخص اپيل التوا ۾ 34 سال قيد ۾ گذاريو، موت جي سزا جون اپيلون 2015 کان التوا ۾ آهن.هن چيو ته پشاور هاءِ ڪورٽ ڏهن ججن کي شامل ڪرڻ جو چيو آهي. پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي، اهي جج ڏئي رهيا آهن، بل ڪميٽي ڏانهن موڪليو. پي ٽي آءِ سينيٽر علي ظفر چيو ته هي قانون اوچتو ججن جو انگ وڌائڻ لاءِ آيو آهي، جڊيشل مارشل لا لڳڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ان ڪري 7 جج گهرايا پيا وڃن، ٻن ججن جو انگ وڌائڻ لاءِ تيار آهيون.جيڪڏهن ججن جو تعداد وڌائڻ چاهيو ٿا ته پهريان ماتحت عدليه کان وڌايو،سيف الله ابڙو چيو ته سپريم ڪورٽ پاران پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽ ڏيڻ واري فيصلي کان وٺي ججن جو انگ وڌائڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن.ايمل ولي چيو ته جڏهن فيصلا ٻئي هنڌان ٿين ته ائين ٿيندو آهي، ماتحت عدليه لاءِ تفصيلي سڌارا آڻي رهيا آهيون،هن ايوان کي ٻيهر استعمال ڪيو پيو وڃي، ميڊيا ۾ خبرون اچي رهيون آهن ته فاضل ججن جي ضرورت ڪنهن کي آهي. بعد ۾ چيئرمين سينيٽ بل لاڳاپيل ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو.










