جاگيراڻي ۽ لولائي برادرين جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو4 قتل، 2 زخمي

غوثپور (عبدالنبي ملڪ) جنگڻ پوليس ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ڳوٺ فوجو لولائي ۾ پوليس موجب جاگيراڻي برادري جي 15 کان وڌيڪ هٿياربندن جي مبينه فائرنگ ۾ ٻن عورتن سميت چار ڄڻا موقعي تي قتل ۽ هڪ عورت سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. قتل ٿيلن ۾ مائي حرمت، جيجان، نوجوان لکڻ، عبدالقدوس عرف ڪانگو لولائي شامل جڏهن ته زخمين ۾ مائي نظيران ۽ شريف لولائي پڻ شامل آهن. اطلاع ملڻ تي لولائي برادري جا ماڻهو هٿيار کڻي پهتا ته ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي ٻنهي ڌرين ۾ هڪ ٻئي مٿان راڪيٽ لانچر ۽ جديد هٿيارن سان فائرنگ شروع ٿي وئي.

اطلاع باوجود ڪشمور ضلعي جي ڪنهن به ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ڌريون مورچا بند بڻجي ويون آهن. مقتول عبدالقدوس عرف ڪانگو لولائي، لکڻ لولائي سندس زال عورت حرمت ۽ عورت جيجان جا لاش وارثن ضروري پوسٽ مارٽم لاءِ سرڪاري اسپتال ٽريڪٽر ٽرالي ذريعي کڻائي آندا جتي ڊاڪٽرن ٻن لکڻ ۽ عبدالقدوس عرف ڪانگو لولئي جو پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا جڏهن ته مقتولا عورتن جو ليڊي ڊاڪٽر نه هجڻ ڪري ڪنڌڪوٽ اسپتال ضروري پوسٽ مارٽم لاءِ روانا ڪيا ويا مقتولن جي پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيا فوتين جي گھرن ۾ ڪھرام مچي ويو ھر طرف آلي اکين سان لاش اسپتال کان کڻايا ويا جڏهن ته زخمي عورت نظيران لولئي جي ڳڻتي جوڳي حالت هجڻ سبب فوري طبي امداد ڏيڻ بعد ڊاڪٽرن غوثپور کان لاڙڪاڻي اسپتال ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو