جاويد لطيف پاران باجوه کي عدالت گهرائڻ واري موقف جي حمايت

لاهور: (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ جاويد لطيف عمران خان جي جنرل باجوه کي عدالت گهرائڻ واري موقف جي حمايت ڪري ڇڏي آهي.ماڊل ٽائون لاهور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته عدالت ۾ آمريڪي سفير کي ته نه پر (ر) جنرل باجوه کي ته گهرائي سگهون ٿا جيئن عمران خان جا ڪرتوت سامهون اچي سگهن. ان کان علاوه فيض حميد، لطيف کوسا ۽ ثاقب نثار کي ته ضرور اتي گهرائي سگهجي ٿو ته عمران خان جي ڪرتوتن جي خبر پئجي سگهي.جاويد لطيف چيو ته پي ٽي آءِ جو اڳوڻو چيئرمين ڌمڪي ڏئي شيخ مجيب الرحمان بنجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. سهولتڪارن کي سمجهه اچڻ گهرجي ته اهو انهن جي ايجنڊا کي نه پر عالمي ايجنڊا کي پورو ڪندو. عمران خان کي عالمي ايجنڊا پوري ڪرڻ جي لاءِ جيل ۾ سهولتڪاري ملي رهي آهي. ان لاءِ جيل ۾ ويٺل شخص کي جڏهن موقعو ملي ٿو اهو رياستي ادارن تي حملا ڪندو آهي. معيشت کي ڪمزور ڪرڻ جو ايجنڊا جيلر کي ڏنو ويو هو ته جيئن مخالف طاقتن کي آساني ٿي سگهي. معيشت کي ڪمزور ڪيو ويو جنهن کان پوءِ 9 مئي واقعو ڪرڻ آسان ٿي ويو. ليگي اڳواڻ چيو ته امڪان آهي ته عالمي طاقتون هڪ ايجنڊا تي عمران خان کي سپورٽ ڪري رهيون آهن. عالمي طاقتون ادارن تي دٻاءُ وجهي رهيون آهن ان لاءِ عمران خان کي جيل ۾ به ديسي ڪڪڙ گهرجي. هن 9 مئي واقعي کي ناهي وساريو ٻيهر 9 مئي واقعي جي منصوبه بندي ڪري رهيو آهي. طاقتن جي دٻاءُ سبب فيصلا دير جو شڪار ٿي رهيا آهن. عام چونڊن کان اڳ فيصلا اچي وڃن ته جيئن قوم کي سهوليت ٿئي ۽ کليل ذهن سان پولنگ اسٽيشن وڃي سگهن.

پهنجو تبصرو موڪليو