جان محمد مهر جي ڪيس ۾ گرفتار 3 سهولتڪار ضمانت تي آزاد

سکر (ن س) سکر جي عدالت، شهيد صحافي جان محمد مهر جي قتل ڪيس ۾ نامزد مک جوابدارن کي پناهه ڏيڻ جي الزام هيٺ گرفتار ٽن جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ورتي،سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج عبدالرحمان قاضي، عاقل ڌاريجو، اميد علي قادراڻي ۽ سرور مصراڻي جتوئي کي 50-50 هزار مچلڪن عيوض ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،ضمانت تي آزاد جوابدارن ۾ عاقل ڌاريجو. اميد علي قادراڻي ۽ سرور مصراڻي جتوئي شامل آهن ،سکر پوليس قادراپور ٿاڻي تي سرڪار جي فرياد تي جوابدار عاقل ڌاريجو ۽ اميد علي قادراڻي ۽ سرور مصراڻي ۽ ٻين جوابدارن خلاف قتل ڪيس جي مرڪزي جوابدارن شيرل مهر. جمعو مهر ۽ ٻين کي پناهه ڏيڻ جو ڪيس داخل ڪيو هو.عدالت شهيد جان محمد مهر جي قتل ڪيس جي مرڪزي جوابدارن کي پناهه ڏيڻ واري سرڪار جي فرياد تي داخل ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست تي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو