دبئي (ويب ڊيسڪ)قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ جي گهرواري ۽ اڳوڻي ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا پنهنجي پٽ اذان مرزا ملڪ جي شاگردياڻي بڻجي وئي.فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا پنهنجي پٽ اذهان مرزا ملڪ سان گڏ ڪجهه تصويرون شيئر ڪيون.انهن تصويرن جلد ئي 80 هزار کان وڌيڪ سوشل ميڊيا صارفين جو ڌيان ڇڪايو، جنهن ۾ ثانيه مرزا پنهنجي پٽ اذهان مرزا ملڪ سان گڏ خوش نظر اچي رهي آهي.انهن تصويرن جي ڪيپشن ۾ ثانيه مرزا پنهنجي پٽ سان پيار جو اظهار ڪندي لکيو ته ”تون ۽ مان هميشه لاءِ بيبي بواءِ“.ان سان گڏ، هن مٿين تصويرن مان هڪ ڏانهن اشارو ڪيو ۽ چيو ته سندس پٽ مشهور فرانسيسي فٽبالر MBAPPE جي جشن جو انداز سکي رهيو آهي.










