تڪراري گريٽر ٿل ڪئنال فيز 2 جي منظوري ملتوي

تڪراري گريٽر ٿل ڪئنال فيز 2 جي منظوري ملتوي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سنڌ جي شديد اعتراضن بعد تڪراري گريٽر ٿل ڪئنال فيز 2 جي منظوري ملتوي ڪئي وئي آهي،پنجاب سرڪار ڪوششن باوجود تڪرار ڪئنال منظور ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي،ايڪنڪ جي اڄوڪي اجلاس جي ايجنڊا ۾ تڪراري گريٽر ٿل ڪئنال جي منظوري شامل هئي، اجلاس ۾ سنڌ جي نگران وزير يونس ڍاگا شرڪت ڪئي،ذريعن موجب يونس ڍاگا اجلاس ۾ موقف رکيو ته نئون ڪئنال اَڏڻ لاءِ سسٽم ۾ پاڻي موجود ئي ناهي، سنڌ ۾ زرعي زمينون آباد ڪرڻ لاءِ پاڻي جي کوٽ آهي،گريٽر ٿل ڪئنال جو معاملو ايڪنيڪ ۾ نه کنيو وڃي، نئين چونڊيل حڪومت اهو معاملو سي سي آءِ ۾ کڻي وڃي، سي سي آءِ ۾ تڪراري ڪئنال تي فيصلو ڪرڻ ضروري آهي

پهنجو تبصرو موڪليو