تيل ڪمپني جي ملازمن تي حملو، ڪيس داخل پر گرفتاري نه ٿي

ٽنڊو رحيم خان )مير لاشاري) کيرٿر بلاڪ ۾ ڪم ڪندڙ ايفڪو آئل اينڊ گئس ڪمپني جي ملازمن تي ڀتا خورن جو حملو ڪري ملازمن کي مار ڪٽ ڪري ڪم بند ڪري علائقو ڇڏي وڃڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آهن. ان حوالي سان ڪمپني جي سي آر او مرتضيٰ سميجو ۽ فيلڊ انچارج بهاول لکڻ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته هو فيلڊ تي ڪم ڪري واپس اچي رهيا هئا ته مٿن 5 ڄڻن حملو ڪري مارڪٽ ڪئي. جن مان هنن ٻن ڄڻن عزيز شاهاڻي ۽ ابراهيم شاهاڻي کي سڃاتو آهي باقي ٽن ڄڻن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي. هنن ٻڌايو ته حملو ڪندڙ ماڻهو ڌمڪيون ڏيئي فائرنگ ڪندي فرار ٿي ويا. جنهن کانپوء اسين ڪمپني انتظاميا جي اجازت سان واهي پانڌي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو آهي پر اڃان تائين ڪا گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي . هنن وڌيڪ چيو ته اسان کي ڀتا خورن کان سخت خطرو آهي ۽ خوف واري ماحول ۾ انتهائي ڏکئي طريقي سان ڪم ڪري رهيا آهيون. ڪمپني جي ڪنهن به ماڻهوکي ڪوبه نقصان پهتو ته ان جا ذميوار اهي ئي ماڻهو هوندا. هنن آئي جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرز سنڌ ايس ايس پي دادو سميت ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گذارش تحفظ جي اپيل ڪئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو