تيز رفتار ٽينڪر گهر ۾ داخل،ستل شخص فوت،3 زخمي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي بلديه گلشن غازي ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي تيز رفتار واٽر ٽينڪر هڪ گهر ۾ ٽڪرائجي ويو.ريسڪيو اختيارين پاران ٻڌايو ويو آهي ته تيز رفتار واٽر ٽينڪر ڊرائيور ڪنٽرول وڃائي ويٺو ۽ گهر ۾ ٽڪرائجي ويو.ريسڪيو اختيارين موجب حادثي جي نتيجي ۾ گهر ۾ سمهندڙ هڪ شخص پاڻي جي ٽينڪر سان ٽڪرائجي فوت ٿي ويو، جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته فوتين ۽ زخمين کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته پاڻي جو ٽينڪر گهر ۾ داخل ٿيڻ سبب گهرن کي به نقصان پهتو.پوليس واقعي واري هنڌ پهچي واٽر ٽينڪر کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي حراست ۾ وٺي واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو