تيز رفتار مزدا جو ڍڳين جي ڌڻ سان ٽڪر 3 ماڻهو ۽ 7 ڍڳيون زخمي

نئون ڪوٽ(پيارعلي نھڙيو) مٺي نئون ڪوٽ روڊ تي 22 ميل ڀرسان تيز رفتار مزدا جو ڍڳين جي ڌڻ سان ٽڪر هڪ ڍڳي مري وئي 7 زخمي ڌنار، ڊرائيور ۽ ڪلينر به زخمي ٿي پيا. اربع تي صبح جو بئراجي علائقن کان ٿر ۾ برسات پوڻ ڪري مٺي  جي ڳوٺ گڙسيئر ويندڙ مالوند ماروئڙن جي ڍڳين جي ڌڻ کي مٺي ٻڪريون کڻي  ويندڙ تيز رفتار مزدا گاڏي نمبر ٽي.ڪي.وائي  651 جي زور دار ٽڪر هنيو. مالوندن جي ڌڻ مان هڪ ڍڳي موقعي تي مري وئي 7 ڍڳيون زخمي هڪ ڌنار هميرو ڀيل به زخمي جڏهن ته گاڏي جي ڊرائيور پاران  اچانڪ بريڪ هڻڻ تي گاڏي جي ڇت تي ويٺل ڪلينر نم جوڻيجو ڇت تان ڪري سخت زخمي  ۽ چمبڙ واسي  ڊرائيور نديم جوڻيجو به سخت زخمي اطلاع تي وڄوٽو پوليس موقعي تي پهچي ڊرائيور ڪلينر ۽ مال جي ڌنار کي نئون ڪوٽ اسپتال آندو جتان ڇت تان ڪريل ڪلينر نم جوڻيجو جي ڳڻتي جوڳي حالت هئڻ ڪري ڊگهڙي ريفر ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو