ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه برساتن ۽ ٻوڏ سبب تباهه ٿيل روڊن جي بحاليءَ بابت جائزي وٺڻ لاءِ اجلاس جي صدارت ڪندي ڊونر ايجنسين جي سهڪار سان 8620 ڪلوميٽر صوبائي روڊن جي بحاليءَ تي 66 ارب رپين جي منظوري ڏني. اجلاس ۾ وزير ورڪس ضياءَ عباس شاهه، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي، سيڪريٽري ورڪس شارق احمد ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس جي شروعات ۾ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته جولاءِ ۽ آگسٽ 2022ع دوران ٿيندڙ تيز برساتن سبب سنڌ غيرمعمولي صورتحال کي منهن ڏئي رهي آهي جنهن سبب انفراسٽرڪچر متاثر ٿيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪيترن ئي روڊن ۽ سندن لاڳاپيل انفراسٽرڪچر کي سخت نقصان پهچڻ سان گڏوگڏ ٻيا رستا متاثر ٿيا آهن جن جي ترت مرمت ۽ بحالي جي ضرورت آهي ته جيئن ضلعن وچ ۾ رابطا بحال ٿي سگهن.سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ورڪس اينڊ سروسز کاتي هيستائين روڊن ۽ ٻين انفراسٽرڪچر جي نقصان جو ضلعي سطح تي سروي ڪندي ڪاٿو تيار ڪيو آهي. صوبائي حڪومت جي دائري هيٺ روڊ سيڪٽر جون 801 اسڪيمون متاثر ٿيون آهن جنهن جي اٽڪل ڊيگهه 8620 ڪلوميٽر آهي. روڊن جي بنيادي ڄار وڇائڻ واري بحالي لاءِ فنڊز جي مد ۾ 94121.578 ملين ($427.825) گهربل آهن. چيف سيڪريٽري، وڏي وزير کي ٻڌايو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ (ADB) نقصان واري ڪاٿي جي ڊيٽا تصديق لاءِ صلاحڪار پڻ مقرر ڪيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير 8620 ڪلوميٽر روڊن جي بحاليءَ لاءِ 66 ارب رپين جي منظوري ڏني ۽ پي اينڊ ڊي ۽ ورڪس کاتي کي هدايت ڪئي ته روڊن جي بهتر معيار کي يقيني بڻايو وڃي ۽ اهڙن گندن نالن، پلين ۽ سائفن ٺاهيا وڃن جن مان برسات/ گٽرن جي پاڻي جي نيڪال آسانيءَ سان ٿي سگهي. مراد علي شاهه چيو ته هاڻي اسان کي موسمياتي تبديلين جي حوالي سان پائيدار روڊ ٺاهڻا آهن تنهنڪري سندن ڍانچو ۽ مواد معيار مطابق هجڻ گهرجي.مراد علي شاهه چيئرمين پي اينڊ ڊي کي هدايت ڪئي ته ڳوٺ کي شهر سان ڳنڍڻ يا شهر اندر 3 ڪلوميٽرن تائين ننڍن خراب رستن جي بحاليءَ تي به ڪم شروع ڪيو وڃي. هن هدايت ڪئي ته ٽن هفتن اندر ڊيٽا تيار ڪري منهنجي منظوري لاءِ موڪليو وڃي. هن چيو ته هو جنوري ۾ ان تي ڪم شروع ڪندو. سنڌ جي وڏي وزير هڪ ٻئي اجلاس جي صدارت ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت ٽي لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪندي. سنڌ جي وڏي وزير صوبائي حڪومت وٽ موجود ڪڻڪ جي ذخيرن جو جائزو ورتو ۽ مارچ جي شروعات تائين گهرج پوري ڪرڻ لاءِ پاسڪو کان 3 لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ جي منظوري ڏني. خوراڪ واري صوبائي وزير مڪيش چاولا سنڌ جي وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 23-2022 جي سيزن ۾ خوراڪ کاتي هيستائين 721000 ٽن ڪڻڪ جاري ڪئي ۽ کاتي وٽ اڃا تائين 379000 ٽن ڪڻڪ موجود آهي. هن وڌيڪ چيو ته نئين فصل جي لڻائي يعني مارچ 2023 تائين گهرج کي پورو ڪرڻ لاءِ 300,000 ٽن ڪڻڪ جي گهربل آهي. سنڌ جي وڏي وزير پاسڪو کان 300000 ڪڻڪ خريد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.










