توهين ڪيس، عمران خان ۽ فواد چوڌري خلاف فرد جرم لاڳو

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن توهين عدالت ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان ۽ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري خلاف اليڪشن ڪميشن جي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جتي اليڪشن ڪميشن جي 4 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري عدالت ۾ پيش ٿيا.عدالت ۾ جوابدارن کي چارج شيٽ پڙهي ٻڌائي وئي، جنهن تي هنن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو،بعد ۾ اليڪشن ڪميشن ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 16 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن توهين عدالت ڪيس ۾ عمران خان ۽ ٻين خلاف جيل ٽرائل جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو