توهين ڪميشن،خان ۽ فواد جو ٽرائل جيل ۾ ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن، اليڪشن ڪميشن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر جي توهين عدالت ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل اڳڀرائي واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان ۽ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جو ٽرائل اڊيالا جيل ۾ ٿيندو. اسد عمر خلاف اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جو اڃا تائين اعلان ناهي ڪيو ويو. اليڪشن ڪميشن موجب توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 13 ڊسمبر تي اڊيالا جيل ۾ ٿيندي. گهرو وزارت کي 2 ڏينهن اندر انتظامي رپورٽ تيار ڪري اليڪشن ڪميشن کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو