ملتان (ويب ڊيسڪ) ملتان جي ايڊيشنل سيشن جج ڪاشف قيوم توهين مذهب جو مبينه ڏوهه ثابت ٿيڻ تي بهاءُ الدين ذڪريا يونيورسٽي جي ليڪچرار جنيد حفيظ کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي ڇڏي. عدالت پنهنجي حڪم ۾ لکيو آهي ته کيس ڳڄي ۾ ڦاهو وجهي تيستائين لٽڪايو وڃي جيسين سندس موت جي پڪ ٿي وڃي. ايڊيشنل سيشن جج سينٽرل جيل ملتان ۾ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو، جنهن موجب بهاءُ الدين ذڪريا يونيورسٽي جي ليڪچرار جُنيد حفيظ کي سزا ٻڌائي. مذهبي نفرت پکيڙڻ جي الزام ۾ گرفتار ليڪچرار جُنيد حفيظ خلاف ڪيس جي 12 ڊسمبر تي رات دير تائين ٻڌڻي ڪرڻ بعد مقامي عدالت فيصلو محفوط ڪيو هو. انگريزي جي ليڪچرار خلاف 15 شاهدن شاهديون ڏنيون ۽ قلم 342 تحت بيان رڪارڊ ڪرايا، جڏهن ته رهيل 11 شاهدن کي غيرضروري ڄاڻائي خارج ڪيو ويو.
ياد رهي ته ليڪچرار جُنيد حفيظ خلاف سوشل ميڊيا تي مذهبي نفرت پکيڙڻ ۽ مذهبي ماڻهن جي دل آزاري تي ٻڌل تبصرو ڪرڻ جي الزام ۾ 13 مارچ 2013ع ۾ داخل ٿيو هو. سيڪيورٽي خدشن سبب اپريل 2014ع ۾ ڪيس جي ٻڌڻي سينٽرل جيل ۾ ڪرڻ جو فيصلو ٿيو. 2014 کان جوابدار کي قيد تنها ۾ رکيو ويو هو. ليڪچرار خلاف شاهدن ۾ يونيورسٽي جا ٻيا استاد، شاگرد ۽ پوليس شامل آهن. جُنيد حفيظ جي وڪيلن جو چوڻ آهي ته سندن اصيل هن فيصلي خلاف اپيل داخل ڪندو. جُنيد حفيظ جي وڪيل راشد رحمان کي ڪيس جي پيروي ڪرڻ تي 7 مئي 2014 تي ڪچهري چوڪ تي سندس چيمبر ۾ گولي هڻي قتل ڪيو ويو هو، هڪ ٻيو وڪيل زخمي ٿي پيو هو. جنهن بعد ڪيس جو ٻيو وڪيل پيروي ڪرڻ تان هٿ کڻي ويو، جڏهن ته پيروي ڪندڙ ٽئين وڪيل کي به ڌمڪيون ملنديون رهيون. گذريل 7 سالن ۾ 6 جي لڳ ڀڳ جج تبديل ٿيا. ايڊوڪيٽ راشد رحمان کي عدالت ۾ جج جي سامهون ڪيس جي پيروي ڪندڙ ڌر جي ٽن ڄڻن چيو هو ته ايندڙ حاضري تي تون جيئرو نه هوندي. وڪيل ان جي شڪايت جج کي به ڪئي هئي پر جج چپ ڪري ٻڌندو رهيو هو. سندس قتل جي جاچ ڪندڙ پوليس آفيسر کي بدلي ڪيو ويو هو ۽ هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان 8 وڪيلن جو پينل ڪيس جي پيروي لاءِ مقرر ڪيو هو .