توهين اليڪشن ڪميشن فواد چوڌري جا وارنٽ جاري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن فواد چوڌري جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. اليڪشن ڪميشن جي ميمبر نثار دراني جي سربراهي ۾ 4 رڪني بينچ پي ٽي آءِ باني ۽ فواد چوڌري خلاف چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن جي توهين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ شعيب شاهين جو معاون وڪيل ڪميشن آڏو پيش ٿيو.ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي ڊپٽي ڊائريڪٽر صائمه جنجوعه چيو ته هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ جي باني لاءِ ڪو به روڪٿام وارو حڪم ناهي، هن ڪيس جي ٻڌڻي آخري ڀيرو جنوري ۾ ٿي هئي.ٻڌڻي دوران ميمبر اليڪشن ڪميشن پڇاڻو ڪيو ته فواد چوڌري ڪٿي آهي، سندس وڪيل ڪٿي آهي، اسان جا وارنٽ جاري ڪريون؟ ان تي معاون وڪيل چيو ته فواد هاءِ ڪورٽ ۾ مصروف آهي، سندس وڪيل فيصل چوڌري به عدالت ۾ آهي.ميمبر اليڪشن ڪميشن چيو ته فواد چوڌري جيل ۾ ناهي، ان جا وارنٽ جاري ڪن ٿا، وڪيل جي حاضري سان استثنيٰ ختم ٿي ويندو پر فواد چوڌري ڪٿي آهي، سندس ڪيس جو فيصلو ڪنداسين.جنهن بعد اليڪشن ڪميشن فواد چوڌري جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

پهنجو تبصرو موڪليو