توشه خانه جاچ: بشريٰ بي بي جو نيب طلبي وارو نوٽيس چيلينج

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) بشريٰ بي بي طرفان نيب طلبي جو نوٽيس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو آهي.رپورٽ موجب توشه خانه جي حوالي سان پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي خلاف نيب جي جاچ جو معاملو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهچي ويو جتي اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي طلبي جي لاءِ نيب جو نوٽيس چيلينج ڪري ڇڏيو آهي. عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي طرفان نيب نوٽيس جي خلاف درخواست اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سڀاڻي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي. چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس طارق محمود جهانگيري درخواست تي ٻڌڻي ڪندا.بيرسٽر سلمان صفدر، عثمان رياض گل ۽ خالد يوسف چوڌري جي حوالي سان نيب طلبي جي نوٽيس کي چيلينج ڪندي موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نئين انڪوائري ۾ نيب جو پي ٽي آءِ باني، بشريٰ بي بي تي قيمتي تحفا غيرقانوني وڪرو ڪرڻ جو الزام آهي. عدالت کان استدعا آهي ته درخواست جي فيصلي تائين نيب جي ڪال اپ نوٽيس کي معطل ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو