توشا خاني جي نااهلي ختم ٿيڻ تائين نئون چيئرمين چونڊيو

لاهور (ويب ڊيسڪ)بئريسٽر علي ظفر چيو آهي ته توشاخاني جي نااهلي ختم ٿيڻ تائين اسان نئون چيئرمين چونڊيو آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي احاطي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر علي ظفر چيو ته پي ٽي آءِ جو باني چيئرمين به پنهنجي نااهلي کانپوءِ عام چونڊ وڙهندو، سندس نااهلي جو نوٽيفڪيشن غير آئيني آهي.بئريسٽر علي ظفر چيو ته جيڪڏهن باني چيئرمين پي ٽي آءِ کي اليڪشن کان روڪيو ويو ته ان کي چئلينج ڪنداسين، يقيناً ڪاغذي نوٽيفڪيشن آهي پر اسان کي ان کي چئلينج ڪرڻو پوندو.هن چيو ته جيڪڏهن لڳي ٿو ته هڪ تڪ قانون خلاف آهي ته ان کي چئلينج ڪنداسين، انٽرا پارٽي اليڪشن جو حڪم غير آئيني ۽ غير قانوني هو.بئريسٽر علي ظفر چيو ته اليڪشن ڪرائڻ اسان جو حق آهي جڏهن ته فيصلو قبول ڪيو ويو، لارجر بينچ هاڻي 3 حڪم نامي تي ٻڌڻي ڪندي.هن چيو ته پي ٽي آءِ اسلام آباد ۾ انٽرا پارٽي اليڪشن بابت ڪيس داخل ناهي ڪيو، اسلام آباد ۾ ڪنهن به وڪيل انٽرا پارٽي اليڪشن جي معاملي کي چئلينج ناهي ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو