تلاءَ ۾ ٻڏڻ ۽ ڀت ڪرڻ جي ڌار ڌار واقعن ۾ ٻه ٻارفوت ٽي زخمي

تلاءَ ۾ ٻڏڻ ۽ ڀت ڪرڻ جي ڌار ڌار واقعن ۾ ٻه ٻارفوت ٽي زخمي

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي ٻن مختلف شهرن ۾ پيش آيل واقعن سبب 2 ٻارڙا فوت ۽ ٽي ٻارڙا اخمي ٿي پيا آهن. ٺل مان عبدالنبي شيخ موجب ڳوٺ شيخ محمد پهوڙ ۾ ٽن سالن جو نينگر خان محمد پهوڙ پاڻي جي تلاء ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو، فوتي نينگر جو لاش کڻي سول اسپتال آندو ويو،جتي ڊاڪٽرن جائزو وٺي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي،جڏنهن ته وارثن نينگر کي گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ جو الزام هنيو،فوتي نينگر جي پيء نور محمد پهوڙ پنهنجي برادري جي ماڻهن تي الزام مڙهيندي چيو ته اسان جي نينگر کي گهٽا ڏئي قتل ڪري پاڻي جي تلاء ۾ اڇلايو ويو آهي.*** پنوعاقل مان سنتوش ڪمار موجب  غريب آباد محلا لڳ ڪچا ڦاٽڪ وٽ گهر جي ديوار ڪرڻ سبب چار ٻارڙا هيٺان اچي ويا.

ديوار هيٺ دٻجي ويل ٻارڙن کي وارثن پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻاهر ڪڍيو جنهن بعد زخمي ٻارڙن کي تعلقه اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو زخمين ۾ ٽي ٻارڙا تنوير، زاهد ۽ وقار شامل آهن جڏهن ته هِڪ نينگر تيمور چاچڙ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو