تعليم کاتو جاڳي پيو، 17 سال بند پيل اسڪول ۾ استاد مقرر

صالح پٽ (نياز مهر)ڳوٺ زوار بخشڻ خان شنباڻي جو گورنمينٽ پرائمري اسڪول خيرالدين شنباڻي 2002کان بند هو جنهن ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ استاد احمد علي شنباڻي کي مقرر ڪيو ويو هيو. اتي مقرر استاد ٻڌايو ته اسڪول اندر ڪا به سهولت ناهي جڏهن ته 17 سال گذري وڃڻ باوجود استاد مقرر ٿيو آهي پربلڊنگ نه هئڻ ڪري معصوم شاگرد، شاگردياڻيون وڻ هيٺان پٽ تي تعليم پرائي رهيا آهن هنن سند حڪومت ۽ تعليم کاتي جي وزير کان مطالبو ڪندي چيو ته اسڪول اندر بلڊنگ سان گڏ فرنيچر ۽ ٻيون به سهولتون ڏئي بيچئني ختم ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو