تعليم جهڙو زيور ئي انسان کي آسمان جي بلندين تي پهچائيندو آھي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) تعليم ھڪ اھڙو زيور آھي جيڪو انسان کي آسمان جي بلندين تي پهچائيندو آھي، موجوده حالتن ۾ سرڪاري سطح تي تعليمي نظام کي وڌيڪ بھتر ڪرڻ جي سخت ضرورت آھي ان ڏس ۾ سماجي تنظيمن، سول سوسائٽي، مقامي اڳواڻن سميت ساڃاهه وندن کي گڏيل ڪوششون ڪرڻ گهرجن ڇاڪاڻ تہ ملڪ جي موجوده حالتن ۾ غريب طبقي سان تعلق رکندڙ عوام پنهنجن ٻارڙن کي خانگي تعليم نٿا ڏياري سگهن، اھڙن خيالن جو اظهار جنگشاهي ڪوھستان جي مختلف برادرين جي معززين، شھرين صحافين، واپارين سميت سياسي ۽ سماجي اڳواڻ پاران جنگشاهي سان تعلق رکندڙ نوجوان عبدالقدير قاسم پليجو کي تازو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ايس پي نوشهروفيروز مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ۽ آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، آجياڻي واري تقريب جنگشاهي پريس ڪلب جي عهديدارن سميت جنگشاهي جي سماجي اڳواڻ پاران منعقد ڪئي وئي، تقريب ۾ محمد قاسم پليجو، ڊاڪٽر اسماعيل پليجو، حاجي مختيار پليجو، ڊائريڪٽر انفارميشن واٽر ڪارپوريشن عبدالقادر شيخ، حسن علي ڀورو جوکيو، تراب علي جوکيو، ڪريم الله جوکيو، پروفيسر حبيب الله پليجو، قادر بخش پيراڻي، فقير صمد جوکيو، ڊاڪٽر تاج پليجو، جمع خان جوکيو، عبدالرشيد جاکرو، عبدالرحيم جوکيو، عبدالرئوف بروھي، رضوان بروھي، محمد صالح ميراڻي، پير غلام حسين شاھ، محمد جمن جوکيو رانا محمد اقبال سميت ٻين معززين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي مختلف اڳواڻن پاران جنگشاهي ڄائي نوجوان عبدالقدير پليجو کي ايس پي نوشهروفيروز مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو تہ عبدالقدير پليجو پنھنجي ذھانت ۽ قابليت سان جھڙي طرح ھن منسب تي پھتو آھي جيڪو نہ صرف سندس والدين ۽ خاندان جي لاء فخر جھڙي ڳالھ آھي پر اھيا جنگشاهي سميت ضلعي ٺٽي جي لاء پڻ ھڪ وڏي اعزاز جھڙي ڳالھ آھي، ھنن جو چوڻ هو تہ جنگشاهي ھڪ پٺتي پيل جابلو علائقو آھي ان ڪري سماجي تنظيمن، سول سوسائٽي ۽ مقامي اڳواڻن کي جنگشاهي سميت مختلف پٺتي پيل علائقن ۾ تعليمي نظام جي بهتري لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ گهرجن ۽ بند پيل اسڪولن کولائي ڪري ايندڙ نسل کي تعليم جھڙي نعمت سان نوازيو وڃي تہ جيئن اسان جي معاشري مان سماجي براين جو خاتمو اچي سگهي ۽ جنگشاهي سميت پٺتي پيل علائقا وڌيڪ ترقي ڪري سگھن، اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ اسان کي پوري اميد آھي تہ عبدالقدير پليجو پنھنجي خانداني روايتن کي برقرار رکندي پنھنجي اباڻي شھر جنگشاهي جي بھتري ۽ ترقي سميت تعليمي سڌارن لاء مثبت ڪردار ھميشه ادا ڪندو رهندو، تقريب جي پڄاڻي تي مختلف اڳواڻن سميت سمورن معززين پاران عبدالقدير پليجو کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ جا تحفا پيش ڪندي کيس مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواھشن جو اظھار ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو