باڊهه (رپورٽر) لاڙڪاڻي ضلعي جي ٻئي نمبر وڏي ۽ ڪاروباري شهر باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لاءِ باڊهه تعلقا موومينٽ پاران موومينٽ جي ڊپٽي ڪنوينر زيب علي ساريو جي اڳواڻي ۾ گذريل ڏينهن 14 آگسٽ يومِ آزادي جي موقعي تي هٿن ۾ سبز حلالي پرچم، بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي باڊهه پريس ڪلب کان ٽائون هال تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاجي مظاهري ۾ باڊهه شهر جي مختلف سياسي سماجي علمي ادبي ۽ ڪاروباري تنظيمن جي اڳواڻن عزيز بروهي، علي انور عسڪري، ڪامريڊ منور نوناري، عالم بروهي، محمد علي خشڪ، اسحاق مشوري، صحافين نبي رضا بلوچ، مظهر نوشاد ڦلپوٽو، محمد هاشم مدني سومرو، محمد امين سيال، مور سنڌي، افضل سانڀل، وفا غلام فريد سومرو، مهراڻ راڄپر، فقير جلال ساريو، علي زهري، فراز جهتيال، آڪاش لوهر، لاهوتي جوڻيجو، منظور سومرو، سميت ٻين شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري باڊهه تعلقي جي حق ۾ زوردار نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اڄ 14 آگسٽ يومِ آزادي جو ڏينهن آهي اسين محب وطن پاڪستاني اڄوڪي ڏينهن کي عيد جيان ملهائي رهيا آهيون پر اسان کي پنهنجي شهر جي ڳڻتي جوڳي حالت ڏسي خوشيون اڌوريون رهجي ويون آهن ۽ بنيادي سهولتن کان بغير حقيقي آزادي جو مزو ماڻڻ کان محروم آهيون. اڄوڪي هن آزادي واري ڏينهن تي به اسان روڊن تي سرعام نڪري پنهنجي شهر لاءِ تعلقي جو بنيادي حق گهري رهيا آهيون. باڊهه شهر ڀرپاسي جي تعلقن کان گهڻو وڏو شهر آهي ايراضي توڙي آبادي جي لحاظ کان باڊهه تعلقي لاءِ گهربل تمام تقاضائون پوريون ڪيون ويون آهن جن تي لاڳاپيل آفيسرن جون باقاعدي صحيحون ٿيل آهن پر افسوس تنهن هوندي به سياسي مفادن خاطر باڊهه شهر سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ ڪندي باڊهه شهر کي هٿ وٺي تباهي ڪناري پهچايو ويو آهي. هنن وڌيڪ چيو ته آزادي هڪ نعمت آهي اڄ سڄي ملڪ ۾ جشن آزادي وڏي ڌام ڌوم سان ملهائي پئي وڃي جڏهن ته اسين باڊهه واسي گذريل 160 هفتن کان وٺي هر آچر جيان هن آچر 14 آگسٽ جي ڏينهن تي به سراپاءِ احتجاج بڻيل آهيون ۽ پنهنجي علاقي جي ايم پي اي توڙي ايم اين اي کان وٺي پيپلزپارٽي جي اعليٰ قيادت کان باڊهه تعلقي جي گهر ڪري رهيا آهيون پر افسوس جو اسان جا حڪمران ۽ چونڊيل نمائندا اسان جي احتجاجن جو نوٽيس نه پيا وٺن ۽ باڊهه تعلقي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ کان انڪاري بڻيل آهن ان لاءِ اسين هڪ دفعو ٻيهر پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه کان پرزور مطالبو ڪريون ٿا ته باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏئي باڊهه واسين ۾ ڦهليل بيچيني ختم ڪئي وڃي.










