تشدد جو شڪار رضوانه صحتياب،چائلڊ پروٽيڪشن حوالي

لاهور (ويب ڊيسڪ)اسلام آباد ۾ سول جج جي گهرواري پاران بدترين تشدد جو شڪار نوجوان گهريلو ملازمه رضوانه کي صحتياب ٿيڻ بعد چائلڊ پروٽيڪشن بيورو جي چيئرپرسن ساره احمد حوالي ڪيو ويو. صحتياب ٿيڻ کانپوءِ اڄ پهريون ڀيرو نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي رضوانه چيو ته مان تمام گهڻي خوش آهيان، سڀني منهنجو خيال رکيو آهي، اڳ منهنجي حالت ٺيڪ نه هئي، ڊاڪٽرن ۽ نرسن منهنجو خيال رکيو.رضوانه چيو ته الله مون کي ٻي زندگي ڏني آهي، مون کي پچائڻ جو شوق آهي، مان ٻارن جي حفاظت ۾ پچائڻ سکندس، منهنجي وڏي ڀيڻ سونيا به مون سان گڏ رهندي.چائلڊ پروٽيڪشن بيورو جي چيئرپرسن ساره احمد به رضوانه سان جنرل اسپتال ۾ ملاقات ڪئي، ان موقعي تي رضوانه کي ساره احمد حوالي ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو