ترڪي پاڪستان جي ٻئي گهر وانگر آهي: وزيراعظم

ترڪي پاڪستان جي ٻئي گهر وانگر آهي: وزيراعظم

انقرا (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ترڪي سان پراڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو، ترڪي پاڪستان جي ٻئي گهر جهڙو آهي ۽ اسان ترڪي جي دشمن کي پاڪستان جو دشمن سمجهون ٿا. انقرا ۾ ترڪ صدر رجب طيب اردگان سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي شهباز شريف چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ مذهبي، ثقافتي ۽ تاريخي لاڳاپا آهن، هلندڙ سال ٻئي ملڪ سفارتي لاڳاپن جي 75 سالگرهه ملهائي رهيا آهن ۽ پاڪستان ترڪي سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جي قيادت، عوام ۽ فوج گهري ويجهڙائي جي رشتي ۾ ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪن جي اعليٰ قيادت وچ ۾ ايندڙ ملاقات سيپٽمبر ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندي، اسان ترڪ صدر جي پاڪستان دوري جي انتظار ۾ آهيون.شهباز شريف شانائتي آڌرڀاءَ تي ميزبانن جا ٿورا مڃيندي چيو ته ترڪ صدر سان ڳالهيون ۽ ملاقات انتهائي هاڪاري رهي، ان سان سستي بجلي جي فراهمي تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، جڏهن ته ٻنهي ملڪن ۾ واپار، سيڙپڪاري جي حوالي سان ڪارائتيون ڳالهيون ٿيون آهن.سندس چوڻ هو ته مختلف شعبن ۾ ترڪي جي تجربن مان فائدو کڻنداسين، پاڪستاني عوام ڪشمير مسئلي تي ترڪي جي واضح موقف تي ٿورائتو آهي، پاڪستان ڪشميرين جي حقن جي حمايت جاري رکندو، پاڪستان پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جو به خواهشمند آهي.ان کان اڳ ترڪ صدر رجب طيب اردگان ترڪ صدارتي محل ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي آمد تي سندس شاندار استقبال ڪيو.صدارتي محل ۾ ڪوٺايل آجيان واري تقريب ۾ ٻنهي ملڪن جي قومي ترانن جي ڌن هلائي وئي ۽ وزيراعظم شهباز شريف کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.ان کانپوءِ شهباز شريف ترڪ ڪابينا جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي، جنهن کانپوءِ وزيراعظم ترڪ صدر رجب طيب اردگان سان وفد ۾ شامل وزيرن جي ملاقات ڪرائي.ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف وفد سان گڏ جمهوريا ترڪي جي باني غازي مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ جي مزار تي حاضري ڀري ۽ گلن جي چادر چاڙهي فاتح خواني ڪئي. هوڏانهن ترڪ پرڏيهي وزير مولود چاوش اولو چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو سرڪاري دورو ترقي، ٻه طرفن لاڳاپن ۾ نئون روح ڦوڪيندو. هن انقرا ۾ ڪوٺايل هڪ اجلاس کانپوءِ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي چيو ته ”برادر ملڪ پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ٿي، هن جو وقت سر دورو اسان جي شاندار لاڳاپن ۾ نئين روح جو ڪارڻ بڻجندو.

پهنجو تبصرو موڪليو