تحريڪ انصاف وارا مس ڪال جو انتظار ڪن پيا،فيصل ڪريم

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي پي ٽي آءِ تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته هنن چيو ته آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ سان ڳالهيون ڪرڻيون آهن، تحريڪ انصاف وارا مس ڪال جو انتظار ڪري رهيا آهن.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سندس چوڻ هو ته هنن چيو ته آرمي چيف، ڊي جي آءِ ايس آءِ سان ڳالهيون ڪرڻيون آهن، تحريڪ انصاف هاڻي سعودي عرب تي به تنقيد شروع ڪري ڇڏي آهي، ماضي ۾ پي ٽي آءِ چيني صدر جو دورو متاثر ڪيو هو.فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ هو ته اسان سياستدان آهيون، ڳالهين تي يقين رکون ٿا، پي ٽي آءِ وارا ٻيهر فوج کي سياست ۾ ڌڪي رهيا آهن. پي ٽي آءِ کي سياسي ماڻهن سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن.

پهنجو تبصرو موڪليو