تحريڪ انصاف جي پارلياماني حيثيت بحال ٿي وئي، حامد رضا

تحريڪ انصاف جي پارلياماني حيثيت بحال ٿي وئي، حامد رضا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سني اتحاد ڪائونسل جي چيئرمين صاحبزاده حامد رضا چيو آهي ته هاڻي تحريڪ انصاف به پنهنجي پارلياماني حيثيت بحال ڪري ڇڏي آهي.اسلام آباد ۾ شيخ وقاص سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي صاحبزاده حامد رضا چيو ته ان لاءِ گڏيل پارلياماني اجلاس گهرايو ويو آهي.صاحبزاده حامد رضا جو چوڻ آهي ته سني اتحاد ڪائونسل سپريم ڪورٽ ۾ چيو هو ته سيٽون تحريڪ انصاف جي امانت آهن.هن چيو ته فل ڪورٽ جي فيصلي تي حڪومت کي عمل ڪرڻو پوندو.ان موقعي تي ڳالهائيندي شيخ وقاص چيو ته لڳي ٿو حڪومت عدليه سان ٽڪراءَ چاهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو