ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مهاجرن جي نيڪالي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو آهي ته ڪا به سياسي پارٽي ڪنهن به غير قانوني ڪارروائي جي حمايت نه ٿي ڪري سگهي.ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف سان اتحاد جو فيصلو ناهي ٿيو، پي ٽي آءِ سميت سمورين سياسي پارٽين کي جمهوري چارٽر ۾ شامل ٿيڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اوهان سڀني کي اليڪشن جو مهينو مبارڪ هجي، اليڪشن 8 فيبروري تي ٿيندي.بهتر هجي ها ته سپريم ڪورٽ اليڪشن ۾ مداخلت نه ڪري ها.پيپلز پارٽيءَ کي ڪنهن به اليڪشن ۾ ليول پلئنگ فيلڊ نه ملي، ان ڪري کين ڪا اميد ناهي.پ پ چيئرمين چيو ته اسان هن وقت سوشل ميڊيا تي فلسطينين جي نسل ڪشي ڏسي رهيا آهيون، دنيا جا حڪمران خاموش آهن پر عوام ناهي.بلاول هائوس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو اڳوڻي صدر پيپلز پارٽي سينٽرل ضلعي سهيل انصاري جي رهائشگاهه تي به دورو ڪيو.بلاول ڀٽو زرداري مرحوم سهيل انصاري جي بيواهه ناصره سهيل جي لاءِ تعزيتي پيغام پڻ جاري ڪيو ۽ چيو ته مرحوم سهيل انصاري آمراڻي دور جون سختيون برداشت ڪيون.هن چيو ته سهيل انصاري آخري دم تائين ڀٽو ازم جو جهنڊو بلند رکيو.سندس جدوجهد پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن لاءِ مثالي آهي. جمهوريت ۽ آئين جي بالادستي لاءِ سندن قربانين کي وساري نه سگهبو. پ پ چيئرمين جي ڊي سي تحت هلندڙ مختلف ادارن جو دورو پڻ ڪيو. ان موقعي تي هن چيو ته ڪورونا وائرس دوران ظفر عباس اسان سان سٺو ڪم ڪيو، معاشي بحران دوران عوام کي سهولتون ڏنيون ويون، حڪومت فلاحي ادارن سان گڏجي ڪم ڪري ته وڌيڪ فائدو ٿيندو.
