بٺي تي جبري پورهيوڪرائيندڙ پٺاڻ مالڪن کان بچايو، اوڏن جي انتظاميا کي اپيل

نوشهروفيروز(ڊ ر) ڳوٺ محسن خان پنهور جي اوڏ برادري جي ماڻهن جو بٺي مالڪ پاران اغوا ڪري زبردستي پورهيو ڪرائڻ، پوليس پاران جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سميت پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي صاحب اوڏ، طالب، جاويد، الهوڌايو، مياندان، راهب اوڏ ۽ ٻين چيو ته بٺي مالڪ شير جمال پٺاڻ ۽ بارڪ الدين پٺاڻ، ديوان اوڏ لڳاتار اڍائي سالن کان قيد ڪري زنجيرون هڻي سخت پورهيو ڪرايو جتان ڪجهه ڏينهن اڳ اسان ڀڄي نڪتا هياسين. اهڙو ڪيس مورو ٿاڻي تي داخل ٿيل آهي پر پوليس هن مهل تائين جوابدارن خلاف ڪا به ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن ڪري ساڳيا جوابدار اسان کي ٻيهر اغوا ڪرڻ لاءِ ڳوليندا رهن ٿا ۽ خدشو آهي ته هو اسان کي مارائي ڇڏيندا. هنن چيو ته اڍائي سالن دوران پورهئي جا پئسا به نه ڏنا ويا ۽ اسان سڀ ڪجهه اُتي ڇڏي پنهنجي جان بچائي نڪتا هئاسين. هنن سيشن جج نوشهروفيروز، ايس ايس پي سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسان کي اغوا ڪندڙ بٺي مالڪ سميت ٻين جوابدارن کي گرفتار ڪري تحفظ ڏنو وڃي.

نوشهروفيروز(ڊ ر) نوشهروفيروز جي پراڻي ريلوي اسٽيشن ۽ ان جي ڀرپاسي جي آبادي گذريل ٻن هفتن کان بجلي کان محروم، ڪالوني واسين جو سيپڪو انتظاميه خلاف احتجاج، سخت نعريبازي. ان موقعي تي اڳواڻن مبين سولنگي، فاروق شيخ، شبير انصاري، جبار ملاح، محمد علي لانگاهه ۽ ٻين چيو ته ٻن هفتن کان اسان جو ٽرانسفارمر سڙيل آهي ۽ ان جا ٽئي ڪوائل ۽ اندرين باڊي سڄي ختم آهي سيپڪو وارا هر ڀيري اسان کان اوڳاڙي ڪري هڻي ڏئي وڃن ٿا پر اهو پنجن ڏينهن اندر سڙيو وڃي جنهن ڪري اسان سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهيون. ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪرڻ باوجود سيپڪو انتظاميه ٽرانسفارمر تبديل نه ڪيو آهي هنن چيو ته بجلي جا بل جمع ڪرائڻ باوجود به کين بجلي نه ڏيڻ زيادتي آهي. هنن سيپڪو جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسان کي نئون ٽرانسفارمر هڻي ڏنو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو