بي سي سي آءِ ڪي ايل راهول جي موڪل منظور ڪري ورتي

بي سي سي آءِ ڪي ايل راهول جي موڪل منظور ڪري ورتي

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپنر ڪي ايل راهول ۽ بالي ووڊ اداڪار سنيل شيٽي جي ڌيءَ اداڪارا آٿيا شيٽي جنوري 2023 ۾ شادي ڪرڻ جو امڪان آهي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ڪي ايل راهول موڪل جي لاءِ درخواست ڏني هئي، جيڪا هاڻي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) منظور ڪري ورتي آهي.هينئر تائين اٿيا شيٽي ۽ ڪي ايل راهول پنهنجي شادي جو باضابطا اعلان نه ڪيو آهي پر ڪجهه ڏينهن اڳ سنيل شيٽي پنهنجي ڌيءَ جي شادي جي تصديق ڪندي چيو هو ته هو جلد شادي ڪندا.سنيل شيٽي جو چوڻ هو ته في الحال تاريخ مقرر ناهي ڪئي وئي، ٻنهي جي مصروفيت کي ڏسندي حتمي تاريخ جو اعلان جلد ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو