بي آر ٽي جي تعمير جي ڪري ٽريفڪ جي جام جي رپورٽس جو نوٽس

بي آر ٽي جي تعمير جي ڪري ٽريفڪ جي جام جي رپورٽس جو نوٽس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتن واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ بي آر ٽي ريڊ لائن پروجيڪٽ جي تعميرات جي ڪري ٽريفڪ جام جي رپورٽس جو نوٽس وٺي ڇڏيو. صوبائي وزير ٽرانس ڪراچي جي سي اي او کي يونيورسٽي روڊ ۽ بي آر ٽي ريڊ لائن جي پوري روٽ تي جتي گنجائش آهي اتي شهرين لاءِ بهتر متبادل رستا ٺاهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. هن چيو ته ڪوشش ڪئي وڃي ته پروجيڪٽ جي تعمير سان روڊ تي عام ٽريفڪ جي رواني ۾ رڪاوٽ درپيش نه اچي. صوبائي وزير ڊي آءِ جي ٽريفڪ کي موثر ٽريفڪ پلان مرتب ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي ۽ چيو ته يونيورسٽي روڊ تي ٽريفڪ اهلڪارن جي نفري وڌائي وڃي، ته جيئن يونيورسٽي روڊ تي سفر ڪرڻ وارن شهرين کي بهتر رهنمائي ٿي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو