بيگوديرو شاخ جو پاڻي چوري، انسان ۽ جانور پريشان

خيرپور ناٿن شاهه(ن سنڌيار)بيگوديرو شاخ ۾ پاڻي بحران برقرار علائقن واسين پاران ڪيل دانھن ڪوڪن تي به ذميوار وس وارن جي ڪن تي ڪا جونء ئي ڪانه چري. جڏھن ته ان سلسلي ۾ سماجي اڳواڻ اين بي کوسو جو چوڻ آھي ته دادو سدرن جي پاڻي تي لاڙڪاڻو نادرن جو ڌاڙو آھي بئراجن ۽ ڪئينالن جي پاڻي جي ورھاست لاء برٽش گورنمينٽ پاران پاڻي ماپ مطابق حصي پتي لاء رکيل (ڪنڊين ايل سيڪشن) بوڪ موجب سدرن جي حصي جو پاڻي 60 سيڪڙو آھي.

Photo Sindhyar

  جڏھن ته نادرن جو پاڻي 40 سيڪڙو آھي پر نادرن سدرن جي حصي جي پاڻي جو حق غضب ڪري 80 سيڪڙو پاڻي کڻي باقي 20 سيڪڙو پاڻي صدرن حوالي ڪري بيگوديرو شاخ سميت جوھي برانچ جي ٽيل شاخن کي سوڪھڙي جو شڪار بڻائي ڇڏيو آھي اصل ۾ آبپاشي کاتي جو برٽش گورنمينٽ کان رکيل بوڪ کولي ڏٺو وڃي ته معلوم ٿيندو ته جوھي برانچ ۾ ھٿ وٺي پاڻي جو ھٿرادو بحران پيدا ڪيو ويو آھي جنھن سبب بيگوديرو شاخ سميت دادو ضلعي ۾ پاڻي جي اڻھود سبب ذرعي آبادي سخت متاثر ۽ زمينون بنجر بڻيل آھن جيڪا سئين سڌي عوام دشمني آھي سو سنڌ ھاء ڪورٽ لاڙڪاڻه کي پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڪنڊين ايل سيڪشن بوڪ مطابق پاڻي وارو حق ڏيارڻ لاء ذميوار آبپاشي کاتي کي پابند بڻائي انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو