بيواه سان ٽريزري دادو جي ملازم جو فراڊ، عورت جي انصاف لاءِ اپيل

ڊرگھ بالا( روپورٽ جي ايم لنڊ)کچي محلا جي پيرسن، بيمار بيواه مسمات صاحب خاتون دادو الزام هنيو آهي ته ٽريزري جي ملازم شوڪت ملڪ ۽ سندس ايجنٽ سڪندر لنڊ ساڻس فراد ڪندي مرحوم مڙس جي پينشن ۽ مختلف فنڊز کائي ويا آهن، ساڻس انصاف ڪيو وڃي. هن پنهنجي پٽ شوڪت کچي سان گڏ پريس ڪلب ۾ دانهيندي ٻڌايو ته سندس مڙس محمد رمضان کچي جيڪو پوليس ۾ جعمدار ھو، ڏھ سال اڳ فوت ٿي ويوھو، ان جي وفات بعد پينشن ھرمھيني کيس ملندي هئي. هن ٻڌايو ته اٺ مھينا اڳ پينشن آن لائين ڪرائڻ لاء ٽريزري آفيس دادو ڪاغذ کڻي ويس، جتي ٽريزري ڪلارڪ پنهنجي پرائيوٽ ايجينٽ سڪندر لنڊ ۽ شوڪت ملڪ سان ڳالھرايو ته توھان جي پينشن آن لائين ڪرائي ڏينداسين ۽ هنن پنج هزار رشوت ورتي ۽ ڪاغذ به ورتا. ھنن پگھار آن لائين ڪرائڻ واري مرحلي ۾ ڇھ مھينا لڳائي ڇڏيا. بعد ۾ اسان نشينل بئينڪ جوھي کان سال جي اسٽيٽمينٽ  ورتي ته پتو پيو ته انهن فراڊ ڪندي بئينڪ ۽ ٽريزري عملي ملي ڀڳت سان انشورنش فنڊ، بيواھ فنڊ ۽ ۽ ٻين مدن ۾ چار لک ستھٺ ھزار ڇھ سوروپيه ڪڍرائي ورتا آهن. کانئن فراڊ بابت جڏھن پڇا ڳاڇا ڪئي ته ھنن مون کي ۽ منھنجي پٽ کي موت مار ڌمڪيون ڏنيون. اھڙي فراڊ بابت ڊي آء جي حيدرآباد وٽ مون درخواست ڏني ته پندرنھن ڏينھن کان پوء اسان جي حد جي ٿاڻي ڊرگھ بالا جي وڏي منشي منھنجي پٽ کي ٿاڻي گھرائي درخواست بابت بيان ورتا، ٿاڻي جي وڏي منشي چيو ته توھان جي درخواست تي فراڊ ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪنداسين. ان درخواست کي به ٻه مھينا گذري ويا آھين پر فراڊ ڪندڙ ٽريزري جي پرائيورٽ ايجينٽ سڪندر لنڊ ۽ ٽريزي ملازم شوڪت ملڪ جي  خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪئي وئي آھي. ھن چيو ته مان بيمار آھيان علاج لاء به پئسا ناهن. مان خدا واسطي آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد کي اپيل ٿي ڪريان ته مون سان انصاف ڪريو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو