بينظير بستي قائم ڪري غريبن کي گهر ڏنا ويندا؛ نواب وساڻ

پيرجوڳوٺ (صفي الله منڱڻيجو) سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار نواب خان وساڻ چيو آهي ته ڪنگري کي پ پ جو قلعو بڻائينداسين، 38 ڪروڙ روپين جون اسڪيمون تيار رکيون آهن پيرڳوٺ ۾ سرڪاري زمينن تي بينظير بستي قائم ڪري غريبن کي گهر ڏنا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پيرڳوٺ لڳ ڳوٺ حسو ڪانهر ۾ ڊاڪٽر اڪبر پاران ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. نواب وساڻ وڌيڪ چيو ته عمران مان پ پ يا ٻيون سياسي پارٽيون نه پر 22 ڪروڙ عوام بيزار ٿي چڪو آهي هن مهانگائي ڪرڻ جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. هن چيو ته اسان مولانا سان گڏ آهيون اسان جي قائد آصف علي زرداري سان سياسي انتقامي ڪارروائي ٿي رهي آهي پر هوُ نه اڳ جھڪيو نه هاڻ جھڪندو عمران خان آءِ ايم ايف ۽ ٻاهران قرض وٺي هڙپ ڪيا آهن جن جو هن کي حساب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته پيپلزپارٽي هميشه غريبن ۽ مسڪين سان ڏک سک ۾ گڏ رهي آهي ۽ هن وقت به گڏ آهي. ان موقعي تي سيد حسين علي شاهه، ڊاڪٽر اڪبر ڪانهر، ڊاڪٽر اعجاز ڪانهر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو