حيدرآباد (ن س ) بوگس ڊجيٽل آدمشماري جي ظاھر ڪيل ھٿ ٺوڪين انگن اکرن تحت ٿيندڙ تڪبندين وسيلي سنڌ کان ڪراچي کي الڳ ڪري سنڌ خلاف سازش سٽي سنڌ جي دل ۽ تختگاھ ڪراچي کي دهشتگرد مافيا جي چنبي ۾ ڏيڻ جون تياريون ڪيون ويون آهن. پي ڊيم ايم ۽ پيپلزپارٽي جي حُڪومت تڪراري فراڊي ۽ فرمائشي ڊجيٽل آدمشماري ڪرائي دھشتگرد ۽ سنڌ دشمن ٽولي ايم ڪيو ايم جي مرضيء مطابق من پسند نتيجا ڪڍي سنڌي عوام جي تاريخي وجود کي ميسارڻ جي سازش ڪئي آھي. فراڊي آدمشماري تحت ٿيندڙ تڪبنديون سنڌ جي سالميت ۽ سنڌ جي وجود مٿان حملو آھن. سنڌ جي سالميت تي حملو ملڪ دشمني آهي. ايم ڪيو ايم جي فرمائش تي ڊجيٽل آدمشماري جا من پسند نتيجا ڪڍڻ کان پوءِ نين تڪ بندين وسيلي ٺٽي سجاول خيرپور سانگھڙ ۽ شڪارپور جون چار قومي ۽ صوبائي اسيمبليء جون سيٽون گھٽائي ايم ڪيو ايم جون سيٽون وڌائي کين فائدو ڏئي سنڌ کان ڪراچي کي الڳ ڪرڻ جي سازش تيار ڪئي وئي آھي. اھڙن خيالن جو اظھار عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ ساجد حسين مھيسر، مرڪزي اڳواڻ ستار رند ۽ علي محمد پرويز پنھنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ ڪيو آھي. اڳواڻن چيو آھي تہ ايم ڪيو ايم جو دھشتگرد ٽولو شروع کان وٺي اھو مطالبو ڪندو رھيو آھي تہ ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪري جدا صوبو ٺاھي ڏنو وڃي پيپلزپارٽي جي سھولتڪاري ۾ فراڊي ۽ بوگس ڊجيٽل آدمشماري ڪرائي ۽ ان جا ھٿ ٺوڪيا ڪوڙا انگ اکر پڌرا ڪري اڪثريت وارن علائقن جون سيٽون مرضيء مطابق وڌائي سنڌ کي ٽوڙڻ مجرمانه ملڪ دشمن ۽ سنڌ دشمن منصوبي جي شروعات ڪئي وئي آھي. سنڌي عوام نين تڪبندين تحت بدنام زمانہ ايم ڪيو ايم جي دھشتگرد ٽولي کي ڪراچي جي مخصوص علائقن ۾ سيٽون وڌائي ڏيڻ واري عمل جي سخت مذمت ڪندي مطالبو ڪري ٿو ته وقت کان اڳ ڪرايل تڪراري بوگس ۽ فراڊي آدمشماري جي نتيجن کي رد ڪرڻ جو اعلان ڪيو وڃي.سنڌي عوام وقت کان اڳ بوگس غير قانوني ۽ غير آئيني طور ڪيل ڊجيٽل آدمشماري شروع ڪرڻ وقت ئي ان تي پنھنجن خدشن جو اظھار ڪندي چيو ھو تہ ھي فراڊي ڊجيٽل آدمشماري ان وقت ڪرائي پئي وڃي جڏھن سنڌ جا اڪثر ضلعا مھا ٻوڏ ۾ ٻڏل آھن ۽ ڪروڙين ماڻھو پنھنجون زندگيون بچائڻ لاءِ پنھنجا اجھا ڇڏي ويا آھن ۽ لکين گھر ڊھي ويا آھن ان ڪري ھن آدمشماري ۾ لکين ماڻھو ڳڻپ کان رھجي ويندا. ان وقت پي ڊي ايم جي وفاقي حڪومت ۽ پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت سنڌي قوم جي اعتراضن احتجاجن ۽ خدشن جي باوجود فراڊي ڊجيٽل آدمشماري ڪرائي ان جا من پسند نتيجا ڪڍي سنڌي قوم کي پنھنجي وطن ۾ دائمي طور تي اقليت ۾ تبديل ڪري، حق حڪمراني کسڻ جي سازش ڪئي. اڳواڻن وڌيڪ چيو تہ پيپلزپارٽي جي حڪومت فراڊي آدمشماري جا نتيجا سي سي آءِ اجلاس ۾ قبول ڪري سنڌي قوم سان تاريخي ويساھ گھاتي ڪري قومي ڏوھ ڪيو آھي. هنن وڌيڪ چيو تہ سنڌ جي اڳوڻي وزيراعليٰ مراد علي شاھ سي سي آءِ جي اجلاس ۾ فراڊي آدمشماري جا نتيجا قبول ڪري سنڌ مٿان نادر شاهه، هلاڪو ۽ چنگيز خان جيان حملي آور ٿيو آهي. بوگس آدمشماري تحت ٿيندڙ تڪبندين کي سنڌ جو عوام ڪنھن بہ صورت ۾ قبول نہ ڪندو. عوامي تحريڪ طرفان شروع ڪيل جدوجھد جاري رھندي، اسين سنڌ جي گھڻ گھرن کي ھن جدوجھد ۾ شريڪ ٿيڻ جو سڏ ڏيون ٿا. بوگس آدمشماري، زمينن تي قبضن، وسيلن جي نيلامي، سنڌ ۾ ڌارين جي يلگار، مھانگائي ۽ رياستي سرپرستي ۾ قائم ڌاڙيل راڄ خلاف 30 سيپٽمبر تي دادو ۾ ڪانفرنس منعقد ڪئي ويندي ۽ 15 آڪٽوبر تي بدين ۾ ھزارين سنڌياڻين، ٻارڙن، ٻڍن ۽ نوجوانن جي ريلي ڪڍي عوامي جلسو ڪيو ويندو.
