بولان (ويب ڊيسڪ)بولان ۾ بلوچستان ڪانسٽيبلري ويجهو ڌماڪي جي نتيجي ۾ 9 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا.پوليس موجب بلوچستان ڪانسٽيبلري جا اهلڪار سبي ميلا ۾ ڊيوٽي بعد واپس ڪوئيٽا وڃي رهيا هئا ته ڌماڪي ۾ بلوچستان ڪانسٽيبلري جا 9 اهلڪار پڻ زخمي ٿي پيا.پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل 3 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جن کي سي ايم ايڇ سبي منتقل ڪيو ويو آهي.ايس ايس پي ڪچي محمود نوٽزئي جو چوڻ آهي ته شروعاتي ثبوتن موجب بولان ڌماڪو آپگهاتي هو، ڌماڪي کانپوءِ بم ڊسپوزل ٽيم واقعي واري هنڌ پهچي وئي آهي، ڌماڪي کانپوءِ علائقي کي ڪڙو چاڙهيو پيو وڃي.بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو بلوچستان ڪانسٽيبلري جي گاڏي ڀرسان بم ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد عناصر بزدلاڻي ڪاررواين ذريعي ناپاڪ مقصد حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، بدامني ۽ عدم استحڪام پيدا ڪري صوبي کي پوئتي رکڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي.عبدالقدوس بزنجو چيو ته اهڙين سمورين سازشن کي عوام جي سهڪار سان ناڪام بڻايو ويندو.










