بهاولپور ۾ بس واهه ۾ ڪري پئي، 3 مسافر فوت، 17 زخمي

بهاولپور (ويب ڊيسڪ)بهاولپور ۾ مسافر بس سان ٽڪرائجڻ جو افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، بس واهه ۾ ڪري پئي.ريسڪيو ذريعن موجب بهاولپور جي علائقي نوشهره جيد ويجهو مسافر بس واهه ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 مسافر فوت ۽ 17 زخمي ٿي پيا.حادثو صبح 5 وڳي ان وقت پيش آيو، جڏهن بس يوٽرن وٽ موڙڻ جي ڪوشش ڪندي واهه ۾ ڪري پئي، واهه ۾ ٻڏي ويلن جي ڳولا جاري آهي.حادثي ۾ فوت ٿيلن جا لاش ۽ زخمين کي بهاول وڪٽوريا اسپتال پهچايو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو