بنگلاديشي عورت 26 ڏينهن ۾ ٽي ٻار ڄڻي ڇڏيا

ڍاڪا(م ڊ) بنگلاديش جي جيسور ضلعي جي هڪ 20 سالن جي عورت عارفه سلطانه هڪ ٻار ڄڻڻ بعد 26 ڏينهن کانپوءِ وري جاڙا ٻار ڄڻيا آهن. فرانسيسي خابرو ايجنسي “اي ايف پي” موجب ٽئي ٻار ۽ ماءُ تندرست ۽ خوش آهن. طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته ان عورت کي ڊبل ٻچيداني آهي. ماهرن موجب هر 2و هزار عورتن مان هڪ عورت کي ڊبل ٻچيداني هوندي آهي ۽ هر 30 هزار عورتن مان هڪ کي اهڙي نموني پيٽ ٿيندو آهي جهڙي طرح بنگلاديش جي عارفه سلطانه کي ٿيو. عارفه اسپتال ۾ اڳ ۾ پٽ ڄڻيو ۽ گهر هلي وئي، 26 ڏينهن بعد اوچتو کيس پيٽ ۾ سور پيو ته وري اسپتال آئي، ڊاڪٽرن چڪاس بعد کيس داخل ڪيو ۽ سيزر ذريعي کيس ويم ڪرايو ته نياڻي ۽ پٽ ڄڻيائين. سندس مڙس سمن بسواس هڪ نجي ڪمپني ۾ ماهوار6000 ٽڪن تي ملازمت ڪندو آهي. کيس ويم ڪرائيندڙ گائناڪولوجسٽ شيلا پوڊر جو چوڻ آهي ته پهريون ٻار ڄڻڻ بعد عارفه کيس ٻڌايو ته هن کي اهو احساس ئي نه ٿيو ته اڃا پيٽ ۾ ٻار آهن. اسپتال جي چيف دليپ راءِ جو چوڻ آهي ته هن پنهنجي 30 ساله ڪيريئر ۾ اهڙو ڪيس ناهي ڏٺو.

پهنجو تبصرو موڪليو