بنون ۾ مارٽر شيل فاٽڻ سبب ٻن ڀائرن سميت 3 ٻارڙا فوت

بنون ۾ مارٽر شيل فاٽڻ سبب ٻن ڀائرن سميت 3 ٻارڙا فوت

بنون (ويب ڊيسڪ) جاني خيل ۾ مارٽر گولي فاٽڻ سبب ٻن ڀائرن سميت 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا.بنون پوليس موجب، جاني خيل واري علائقي ۾ ٿر ۾ پيل مارٽر شيل ٻارن کي ڪڍيو، جيڪو ڦاٽي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا.پوليس اختيارين موجب مارجي ويل ٻارڙن ۾ 2 ڀائر به شامل آهن جڏهن ته 3 ٻارڙا شاگرد هئا جيڪي مدرسي کان گهر وڃي رهيا هئا.پوليس موجب لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ۽ سڪيورٽي انتظامن تحت علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو