بنون (ويب ڊيسڪ)بنون ۾ احتجاجي مارچ دوران فائرنگ ۽ ڀاڄ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ 23 زخمي ٿي پيا،رپورٽ موجب واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن بنون ضلعي ۾ لاقانونيت خلاف احتجاج ڪرڻ لاءِ اسپورٽس ڪامپليڪس وٽ ماڻهو گڏ ٿي رهيا هئا.رپورٽ موجب اڃا تائين اهو واضح ناهي ته فائرنگ ڪنهن ڪئي ۽ نه ئي حڪومتي اختيارين ان بابت ڪو بيان جاري ڪيو آهي.شهر جي خليفي گل نواز اسپتال جي ترجمان موجب هڪ لاش ۽ 23 زخمين کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.










