بمبلي مائنر کي گهارو، گهر ۽ فصل پاڻي هيٺ

ٺڪراٺو(حضرت گل ) ڳوٺ پئدا شاھ وٽ  بمبلي مائنر کي 148 آر ڊي وٽ 10 فوٽ گهارو پئجي ويو. گهاري پوڻ  سبب سوين ايڪڙن تي  ڦٽين جو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو آهي. ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته اسان آبپاشي عملي کي بروقت اطلاع ڏنو هيو ان  باوجود هن مهل تائين عملو ظاهر ئي نه ٿي سگهيو آهي گهاري پوڻ سبب ڪجھ گهر پڻ پاڻي هيٺ اچي ويا آھن ۽ گهرن ۾ پيل کٽون ، بسترا ، چوپايو مال ۽ ٻئي سامان سميت ننڍڙا ٻار ۽ گهر جون عورتون پڻ پاڻي ۾ ڦاٿل آهن ڳوٺاڻان پنهنجي مدد پاڻ سامان ۽ گهر ڀاتين کي پاڻي کان ٻاهر ڪڍڻ ۾ مصروف آهن. متاثرن اعليٰ اختيارين کان مالي سهائتا جي گهر پڻ ڪئي آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو