ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان حڪومت پاران ضلعن مان ڪڻڪ کڻڻ تي پابندي کانپوءِ صوبي ۾ ڪڻڪ جي کوٽ جو بحران ٻيهر شروع ٿي ويو آهي.بلوچستان حڪومت جو خوراڪ کاتو هن وقت 10 لک بوري ڪڻڪ جي خريداري ۾ مصروف آهي، ان مقصد لاءِ صوبائي حڪومت نصيرآباد، ڪچي، جهل مگسي سميت ڪيترن ئي ضلعن مان ڪڻڪ جي برآمد تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.ضلعن مان ڪڻڪ کڻڻ تي پابندي لڳڻ سبب صوبي ۾ ڪڻڪ جي کوٽ جو بحران هڪ ڀيرو ٻيهر سنگين ٿي ويو آهي.ڪڻڪ جي کوٽ سبب فلور ملون بند آهن، عيد تي اٽي جا اگهه وڌيڪ وڌڻ جو خدشو آهي.










