بلوچستان ۾ڊيمن جي اڏاوت وارن منصوبن ۾ بي ضابطگين جو انڪشاف

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ 100 ڊيمن جي اڏاوت واري منصوبي ۾ وڏي پيماني تي بي ضابطگين جو انڪشاف ٿيو آهي.ڊيمن بابت خصوصي آڊٽ رپورٽ ۾ ڊيمن جي تعمير ۾ بي ضابطگين جو انڪشاف ٿيو آهي.بلوچستان جي ناڻي واري کاتي جي ذريعن موجب 100 ڊيمن مان 26 ڊيمن تي تعميراتي ڪم 2018 بدران 2021ع ۾ مڪمل ڪيو ويو، دير سبب لاڳت ۾ 26 ڪروڙ 10 لکن جو اضافو ٿيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته دير جي ڪري پروجيڪٽ تي عملدرآمد جي خرچ ۾ 133.6 ملين رپين جو اضافو ٿيو، جڏهن ته ٺيڪيدارن کان سيڪيورٽي جي مد ۾ 12 ڪروڙ رپيا نه ڪٽيا ويا.ناڻي کاتي جي ذريعن موجب ڪانٽريڪٽرن کان انڪم ٽيڪس جي مد ۾ 99 لک رپيا گهٽ ڪٽيا ويا، جڏهن ته 11 ڪروڙ 26 لک رپيا اضافي ادائگيون نان شيڊول ريٽ جي مد ۾ ڪيون ويون.ان کان علاوه آڊٽ رپورٽ ۾ ذميوارن جي نشاندهي ڪري انهن خلاف ڪارروائي جي سفارش پڻ ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو