بلوچستان: هرنائي ۾ روڊ ڀرسان بم ڌماڪو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، 14 زخمي

ڪوئٽه: (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي هرنائي ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو جڏهن ته 14 زخمي ٿي پيا آهن،رپورٽ موجب پوليس ذريعن ٻڌايو آهي ته نجي گيس ڪمپني جي گاڏي مزدورن کي کڻي وڃي رهي هئي ته ان دوران روڊ ڪناري تي لڳل بم ڌماڪي سان ڦاٽي پيو ڌماڪي جي نتيجي ۾ گاڏي به تباهه ٿي وئي.ڌماڪي جي زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز ۽ ليويز فورس ڌماڪي واري جڳهه تي پهچي وئي، بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي گهرو وزارت کان هرنائي ۾ ڌماڪي تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. هن اختيارين کي هدايت ڪئي ته هرنائي ڌماڪي جي زخمين کي بهتر طبي سهولتون ڏنيون وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو