ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي 14 ضلعن ۾ پوليو خلاف خاص مهم ختم ٿي وئي آهي، جڏهن ته 6 ضلعن ۾ مهم جاري آهي.ايمرجنسي آپريشن سينٽر موجب بلوچستان جي 6 ضلعن ۾ پوليو خلاف مهم اڃا به جاري آهي.ايمرجنسي آپريشن سينٽر جو چوڻ آهي ته ڊيرا بگٽي، سبي، صحبت پور، جعفرآباد، اوستا محمد ۽ نصيرآباد ۾ اڄ مهم جو ٽيون ڏينهن آهي.ايمرجنسي آپريشن سينٽر موجب هنن 6 ضلعن ۾ پوليو خلاف مهم گرمي جي لهر سبب ملتوي ڪئي وئي هئي، جيڪا هاڻي 14 جون تائين جاري رهندي.










