بلوچستان جي گورنر جعفر مندوخيل عهدي جو حلف کڻي ورتو

ڪوئٽه: (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي گورنر شيخ جعفر مندوخيل پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي.بلوچستان جي نئين گورنر شيخ جعفر مندوخيل جي حلف برداري تقريب گورنر هائوس ڪوئٽه ۾ ٿي جتي چيف جسٽس بلوچستان هاءِ ڪورٽ جسٽس محمد هاشم ڪاڪڙ ان کان حلف ورتو.بلوچستان جي گورنر جي حلف برداري تقريب ۾ هٽايل گورنر ملڪ عبدالولي ڪاڪڙ ۽ وڏو وزير سرفراز بگٽي به شريڪ ٿيا.ان کان علاوه تقريب ۾ صوبائي وزير، اسيمبلي ميمبر، سياسي شخصيتون ۽ اختياريون به شريڪ ٿيون.حلف برداري تقريب کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي بلوچستان جي گورنر چيو ته وفاق ۽ صوبن وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪندس، صوبي جي مسئلن ۽ پريشانين جي حوالي سان وفاقي حڪومت سان ڳالهيون ڪيون وينديون. صوبي ۾ گورننس جي حوالي سان بهتري جي گنجائش آهي.هن چيو ته گوادر ۾ ڪنڊيدار تارون لڳائڻ جي حوالي سان خبر نه آهي جيڪڏهن سيڪيورٽي مقصدن جي لاءِ لڳايون پيون وڃن ته اها سٺي ڳالهه آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو