بلوچستان اسيمبلي ميمبرن پاران نئين تڪبندين تي عدالت وڃڻ جو اعلان

بلوچستان اسيمبلي ميمبرن پاران نئين تڪبندين تي عدالت وڃڻ جو اعلان

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ)بلوچستان اسيمبلي جي ميمبرن اليڪشن ڪميشن طرفان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي نئين تڪ بندين کي رد ڪندي ان کي عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي بلوچستان اسيمبلي جو اجلاس وقتي اسپيڪر سردار بابر موسيٰ خيل جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ بي اين پي جي ايم پي ايز ثناءُ بلوچ، احمد نواز بلوچ، ايڇ ڊي پي ايم پي اي قادر علي نائل ۽ صوبائي وزير سردار عبدالرحمان کٽياڻ اعتراض اٿاريا، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن حلقه بنديون صحيح ناهن ڪيون. قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي حوالي سان نئين حد بنديون ۽ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي نئين حد بندين کي رد ڪري ڇڏيو. هن چيو ته صوبي ۾ نين حد بندين کي عدالت ۾ چئلينج ڪيو ويندو

پهنجو تبصرو موڪليو