بلن ۾ واڌ جي جاچ مڪمل، توانائي واري وزارت ذميوار قرار

لاهور(ويب ڊيسڪ) جاچ ادارن بجلي جي بلن ۾ واڌ جي جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي.ذريعن موجب وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) سميت ٻين ادارن به پنهنجي رپورٽ مڪمل ڪري وزيراعظم کي موڪلي ڇڏي آهي. ليسڪو ذريعن موجب پروٽا سسٽم تحت بلن ۾ 200 کان وڌيڪ يونٽ شامل ڪرڻ جي رپورٽ وزيراعظم آفيس ڏانهن موڪلي وئي آهي.ليسڪو ذريعن موجب جاچ ادارن جي رپورٽ ۾ توانائي واري وزارت جي عملدارن کي اوور بلنگ جو ذميوار قرار ڏيندي توانائي واري وزارت جي آفيسرن خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب توانائي واري وزارت نوٽيفڪيشن ذريعي ڊسڪوز ۾ پروٽا سسٽم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو