سنڌ اندر بلدياتي ملازمن جو جائز مطالبا منظور نه ٿيڻ خلاف احتجاج

ڪراچي (نمائندن وٽان) آل پاڪستان ۽ شاهه لطيف لوڪل گورنمينٽ ايمپلائيز فيڊريشن سنڌ جي مرڪزي سڏ تي بلدياتي ملازمن پاران سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ان حوالي سان پنوعاقل مان سنتوش ڪمار مطابق پوري سنڌ جيان ٽائون ڪاميٽي ايمپلائيز يونين پنوعاقل پاران به يونين جي صدر ارشاد خان چاچڙ، امداد جسڪاڻي، ستار کوکر جي اڳواڻي ۾ لوڪل گورنمينٽ جي بلدياتي ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته 2012 ۾ ڀرتي ٿيل بلدياتي ملازمن سان بنا سبب جي نا انصافيون ڪيون پيون وڃن، انهن کي هر ڏينهن مختلف طريقن سان پريشان ڪيو ٿو وڃي. هنن چيو ته پگهار ٽريزري ۾ نه هئڻ ڪري وقت تي پگهار ۽ ٻيون مراعتون نٿيون ملن. هنن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته لوڪل گورنمينٽ جي ملازمن جون پگهارون ٽريزري مان ڪيون وڃن. 

احتجاج ۾ سڪندر شيخ، عطا محمد مهر، جاويد ڪورائي، نواز شيخ، امان ﷲ مهيسر، پريل انڍڙ، عبدالقدير چاچڙ، ڀورل شاھ، امير بخش قاضي ۽ ٻين چيو ته گهوٽڪي جي 368 ٽائون ملازمن کي سياسي تڪرار سبب هٽايو پيو وڃي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. هنن بلديات جي وزير ۽ سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته گهوٽڪي جي ملازمن لاءِ برطرفي وارو فيصلو واپس ورتو وڃي ڇو ته هي فيصلو غريب ملازمن جو معاشي قتل ڪرڻ برابر آهي. *** لاڙڪاڻي مان عبدالوحيد ابڙو مطابق  آل پاڪستان لوڪل گورنمينٽ فيڊريشن جي سڏ تي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ آفيس کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي لاڙڪاڻو پريس ڪلب اڳيان پهتي. ان موقعي تي احتجاجي جي اڳواڻي ڪندڙ يونين اڳواڻن محمد بخش سومرو، نديم علي شيخ، عارف علي ڀنڊ، ارشاد علي پيرزادو ۽ بين چيو ته هن جديد دور ۾ به ملازمن سان زيادتيون ڪيون پيون وڃن، جيڪو هڪ افسوس ناڪ عمل آهي. احتجاج ڪندڙن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته مڪاني ادارن جي ملازمن کي ٽريزري ذريعي پگهارون ڏيڻ سميت ٻيا جائز حق ڏئي ملازمن وچ ۾ پيدا ٿيل مايوسي ختم ڪئي وڃي. *** قاضي احمد مان جاويد جتوئي مطابق شاھ لطيف لوڪل گورنمينٽ  ايمپلائيز  يونين ۽ آل پاڪستان لوڪل گورنمينٽ  ايمپلائيز  فيڊريشن جي سڏ تي ٽائون ڪاميٽي قاضي احمد جي ملازمن شاھ لطيف جي صوبائي سينيئر نائب صدر نبي بخش کوسو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

پريس ڪلب اڳيان  اڳواڻن ڳالھائيندي چيو ته گھوٽڪي جي ملازمن سان سياسي بنيادن ناجائزي  بند ڪري ملازمن کي بحال ڪيو وڃي C.M.O کي اھو پاور ئي ناھي ته هو ملازمن کي بلاجواز نوڪري مان برطرف ڪري اسين احتجاجن سان گڏ ڪورٽ جو رستو پڻ اختيار ڪنداسين اڳواڻن مطالبو ڪيو ته بلدياتي ملازمن کي ٽريزري ذريعي  پگھارون ادا ڪرڻ سان اداري مان %70 سيڪڙو ڪرپشن پڻ ختم ٿي ويندي. *** رتوديرو مان عطاءُ الله بروهي مطابق شاھ لطيف لوڪل گورنمينٽ  ايمپلائيز يونين ۽ آل پاڪستان لوڪل گورنمينٽ  ايمپلائيز  فيڊريشن جي سڏ تي ميونسپل ڪاميٽي رتوديرو جي ملازمن صوبائي جنرل سيڪريٽري  عبدالھادي مرکياڻي، محمد عيسيٰ عيساڻي، وزير علي سيد ممتاز علي شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميونسپل آفيس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

ان موقعي تي مٿين اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گھوٽڪي ۾ سي ايم او سياسي بنيادن تي ناجائزي ڪري بيگناھ 368 ملازمن کي نوڪري تان برطرف ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. هنن وڌيڪ چيو ته 2012 وارن ملازمن مٿان ھلندڙ انڪوائريون ختم ڪري انهن کي به مستقل ڪيو وڃي جيڪڏهن مطالبا منظور نه ڪيا ويا ته احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو