بدين(ن سنڌيار) قومي عوامي تحريڪ جي اڳوڻي مرڪزي اڳواڻ مرحوم محمدالدين ڀرڳڙي جي چوٿين ورسي جو جلسه عام ٻڍو قمبراڻي ۾ ٿيو، جنھن ۾ قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو مھمان طور شريڪ ٿيو، جڏھن تہ ھاري تحريڪ جو مرڪزي صدر انور نوحاڻي، گيانچند مھيشوري، نثار ڀرڳڙي، بچل احمداڻي، صفير نظاماڻي، مجيد ٻگھيو، ڪرڙ لٻاري، اصغر نوتڪاڻي، ارباب نوحاڻي، سومار ماڇي، سانول گوپانگ، بابو نوحاڻي، الطاف ڀرگڙي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ٻڍو قمبراڻي پھچڻ تي اياز لطيف پليجي جو گلن جي ورکا سان شاندار استقبال ڪيو ويو. جلسي کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو تہ محمد الدين ڀرڳڙي ڪالاباغ ڊيم،دھشتگردي، ڪرپشن، سنڌ جي وھاڱي جي سازش ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف جدوجھد ڪئي. محمد الدين ڀرڳڙي سنڌ جي حقن لاءِ ٿيندڙ ھر جدوجھد ۾ اڳيان اڳيان رھيو ۽ زندگي جي آخري گھڙين سان پنھنجي وطن ۽ پارٽي سان سچو رھيو. سنڌ کي محمد الدين ڀرڳڙي جھڙن ثابت قدم ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي ضرورت آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ بلدياتي اليڪشن ملتوي ڪري خريداري ۽ ڌانڌلي جي لاءِ وقت حاصل ڪيو ويو آھي. غيريقيني صورتحال ۾ رکي ملڪ کي نقصان پھچايو پيو وڃي. سنڌ ۾ صحت، زراعت، تعليم اور گورننس تباھ ٿي چڪي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪراچي جا ماڻھو علم ۽ ترقي چاھين ٿا، انھن تي وري تجربو نہ ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۽ ملڪ مان سمورا غيرقانوني افغاني، بنگالي، بھاري، برمي ۽ ٻيا پرڏيھي واپس ڪيا وڃن. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڊالر جي اڏام ۽ مھانگائي عوام جي چيلھ ٽوڙي ڇڏي آھي. اسان کي سڄي دنيا سان گڏ ھلڻو آھي. اڪيلا ٿياسين تہ عوام تباھ ويندو. پاڪستان جي مسئلن جو حل ھڪ شفاف، منصفاڻي ۽ جمھوري فيڊريشن ۾ آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ رڪارڊ اضافي کي رد ڪريون ٿا. گذريل پنج سال ۾ کاڌي پيتي جي شين جون قيمتون ۽ ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا ناقابل برداشت ٿي چڪا آھن. سنڌ ۾ پاڻي کوٽ ڏڪار جون حالتون پيدا ڪري ڇڏيون آھن. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ ۾ برسات ۾ بلدياتي ۽ ڊرينيج جا ادارا ناڪام ٿي چڪا آھن. ملڪ ۾ جمھوريت ۽ آئين جي بالادستي چاھيون ٿا. سنڌ تباھ ٿي رھي آھي، ان تي پارليامينٽ۽ عدالتون ڇو خاموش آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ بلدياتي اليڪشن جي پھرئين فيز ۾ بدترين ڌانڌلي ڪري مخالفن کي ھارايو ويو. سنڌ حڪومت جي کاتن مان کنيل ڊي آر اوز ۽ آر اوز اليڪشن ڪميشن جي ڊيوٽي ڪرڻ بدران پ پ وزيرن، وڏيرن جي ھدايت تي زبردستي پ پ مخالفن کي ھارايو آھي. سنڌ ۾ اليڪشن ڪميشن مڪمل غير فعال ۽ لاتعلق بنيل آھي. پ پ اميدوارن کي سرڪاري مشينري استعمال ڪري کٽايو ويو. اياز لطيف پليجي چيو تہ برساتون رحمت آھن پر حڪومت ان کي اذيت بنائي ڇڏيو آھي. بدين مان پئٽرول نڪري ٿو ۽ سڀني کان وڌيڪ غربت بدين ۾ آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ منشيات فروشي، دھشتگردي ۽ ھٿيارن جي نمائش برداشت نہ ڪنداسين.بدين سجاول، ٿر، دادو، سانگھڙ، ٺٽو ۽ عمرڪوٽ ۾ صنعتون ٺاھيون وڃن. جلسي کي خطاب ڪندي انور نوحاڻي گيانچند مھيشوري، نثار ڀرڳڙي، بچل احمداڻي، صفير نظاماڻي، مجيد ٻگھيو، ڪرڙ لٻاري، اصغر نوتڪاڻي، ارباب نوحاڻي، سومار ماڇي، سانول گوپانگ، بابو نوحاڻي، الطاف ڀرگڙي چيو تہ حڪمرانن ھٿ وٺي سنڌ جي زراعت کي تباھ ڪيو آھي. اريگيشن ڊپارٽمينٽ سڀ کان وڌيڪ ڪرپٽ کاتو آھي. واھن ۽ شاخن جي کاٽي نٿي ڪرائي وڃي، ڪپر ڪمزور ھجڻ ڪري گھارا پئجي وڃن ٿا. شھرن ۽ ٻھراڙين ۾ برساتي پاڻي جي نيڪال جو ڪو سسٽم ناھي. جنھنڪري برسات سبب ھزارين ماڻھو ٻڏي وڃن ٿا، فصل تباھ ٿي وڃن ٿا. اڳواڻن چيو ته بلدياتي اليڪشن ۾ رڪارڊ ڌانڌلي ڪئي وئي. ڪرپشن ۽ بيڊگورننس جي ڪري عوام بک، بدحالي جو شڪار آهي










