عمران کي ”صاحبه“ ۽ بلاول کي ”سمجهتي“ ڳچي پئجي ويا، حساب برابر

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) بلاول ڀٽو زرداري به عمران خان جي نقش قدم تي هلي پيو ۽ اڄ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته “ اگر خان صاحب يه سمهجتي هي ڪه اس قسم ڪا ڪمينٽ دي ڪه ڪسي ڪو انسلٽ ڪر رها هي تو صرف اپني آپ ڪا انسلٽ ڪر رهي هين”. بلاول ڀٽو تي ان ڪمينٽ کان پوءِ تنقيد پئي هلي ته جيڪڏهن عمران خان غلط ڪيو ته اوهان ڪهڙو درست ڪيو؟. بلاول جي صلاحڪارن کي گهرجي ته کيس خراب نه ڪريو ۽ مفت ۾ کٽيل راند برابر يا ڊرا ڪرڻ نه ڏيو. ڪڏهن ڪڏهن خاموشي به وڏو جواب هوندو آهي. وزيراعظم عمران خان پاران بلاول ڀٽو زرداري کي طنزيه طور “صاحبه” سڏڻ تي هڪ پاسي پيپلز پارٽي وارا عمران خان کي قومي اسمبلي اندر ۽ ٻاهر تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن ته ٻئي پاسي سوشل ميڊيا تي پڻ ان معاملي تي طوفان متل آهي. معاملو بظاهر وزيراعظم کي ڳچي م پئجي ويو آهي. پيپلز پارٽي کانسواءِ ناميارن صحافين، انساني ۽ خاض ڪري عورتن جي حقن بابت سرگرم ڪارڪن به وزيراعظم تي ڇتي تنقيد ڪري رهيا آهن. ها البته عمران خان جا حامي به سرگرم آهن ۽ اهي وزيراعظم جي دفاع ۾ مصروف آهن. پيپلز پارٽي جي نفيسا شاهه قومي اسمبلي ۾ تقرير ڪندي وزيراعظم تي تنقيد ڪندي چيو ته هن عورتن جي توهين ڪئي آهي. هن سوال ڪيو ته ڇا عورت هجڻ ڏوهه آهي. هن وزيراعظم کان مطالبو ڪيو ته هو ايوان ۾ اچي معافي وٺي. هوڏانهن ٽوئٽر تي به ڪالهه کان وٺي ان معاملي تي ڪافي بحث هلي پيو. معاذ حسن، عاصمه شيرازي، مهر بخاري، گل بخاري، عديل راجا ۽ ٻين عمران خان تي تنقيد جا تير وسائيندي چيو آهي ته هو ننڍڙي ذهن جو مالڪ آهي، وزيراعظم کي اها ٻولي زيب نٿي ڏئي، سندس ذهني اوسر جو اندازو ان مان لڳائي سگهي ٿو، عمران خان پنهنجو قد گهٽائي رهيو آهي، اهو غير شائسته انداز آهي وغيره وغيره. اهڙي تنقيد تي وزيراعظم اڃا ندامت محسوس ناهي ڪئي. پي ٽي آءِ جا ڪجهه ڪارڪن چون ٿا ته ٽوئٽر تي شروعات بلاول ڀٽو ڪئي ۽ طنز ڪندي لکيو ته اوڪسفورڊ جي پڙهيل کي جاپان ۽ جرمني جي سرحدن جي خبر ناهي. ياد رهي ته عمران خان وانا م ڪالهه جلسي کي خطاب ڪندي بلاول کي صاحبه سڏيندي چيو هو ته ڪرپشن ڪندڙن کي هو معاف نه ڪندو. عمران خان نواز شريف ۽ آصف زرداري تي ڦرلٽ جا الزام هڻندي چيو هو ته کين اين آر او نه ملندو. هن فضل الرهمان بابت چيو هو ته کيس ڪشمير ڪميٽي جي چيئرميني ملي ته هو حڪومت جو حصو هوندو. عمران خان قبائلي علائقن ۾ لڳاتار جلسا ڪري رهيو آهي ۽ سندس زور پشتون تحفظ موومينٽ جي حمايت کان قبائلين کي نيوٽرل ڪرڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو