بلاول ڀٽو خانڳڙهه پهچي علي محمد خان جو عذر ڪيو

خانپورمهر (ن س) پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعلي سنڌ سان گڏ خانڳڙھ پھچي مرحوم وفاقي وزير سردار علي محمد مھر جي لاڏاڻي تي سندس وارثن علي گوھر خان مھر، راجا خان مھر سردار محمد بخش خان مھر، حاجي خان مھر، احمد علي خان مھر سان تعزيت ڪئي. جنھن بعد ميڊيا سان ڳالھايندي بلاول ڀٽو جو چوڻ ھيو تہ اسان جا مھر خاندان سان پراڻا لاڳاپا آھن مونکي اچڻ تہ پھرين کپي ھا پر آئون بروقت پھچی نہ  سگھيس. ھن چيو تہ جڏھن مان خانڳڙھ  آيو ھيس تہ ان وقت سردار علي محمد خان مھر جي طبيعت خراب ھئي. جنھن سان مون فون تي خيريت پڇي ھئي. رب کان دعا گھران ٿو تہ ھن جي خاندان کي صبر جي توفيق عطا ڪري. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو تہ ڪوئٽا م ٿيل بم ڌماڪي جي مذمت ڪريان ٿو. ڪوئیٽا م بم ڌماڪا ٿيندا رھيا آھن ء ٿي رھيا آھن تنھن ڪري نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪرڻو پوندو ۽ انتھاپسندي ء دھشتگردي سان مقابلو ڪرڻو پوندو. خانپورمهر بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ وڏو وزير سيد مراد علي شاهه. سيد ناصر حسين شاهه، اويس شاهه ۽ سهيل انور سيال پڻ موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو